اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪشمير هاڻي آزادي طرف ويندو ڇو ته گذريل سال 5 آگسٽ جي هڪطرفي قدم ذريعي ڪشميرين کي دٻائڻ جا ??ار??ي ارادا ناڪام ٿي ويا آهن. ڪشسمير ي??جهتي ڏهاڙي جي موقعي تي جمعي ڏينهن ڪوٽلي ۾ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ نجي ٽي وي چينل (هم نيوز) سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ??ار?? 5 آگسٽ تي ڪشميرين کي ڪرش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر ڪشميرين جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿيا. هن چيو ته ڪشميرين کي وڌيڪ عرصي تائ??ن نه ٿو دٻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته تاريخ مان ثابت ٿيو آهي ته ڪنهن آبادي کي وڌيڪ عرصي تائين دٻائي نه ٿو سگجي ۽ جڏهن ڪا قوم آزادي حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي ته ڪا به طاقت ان کي نه ٿي دٻائي سگهي. هن چيو ته دنيا ڪشمير مسئلي جي سنجيدگي کي سمجهيو آهي جيڪو گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل سميت عا??مي سطح تي اجاگر ٿيو آهي انهي لاءِ پراميد آهيان ته هاڻي اهو آزادي طرف ويندو. يورپي يونين جي ڊس انفوليب جي انڪشافن بابت وزيراعظم چيو ته ??ار?? پاڻ کي هڪ وڏو ملڪ ۽ وڏي مارڪيٽ هجڻ جي واويلا ڪري ٿو جنهن پاڪستان کي الڳ ٿلڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڪستان کي ماضي جي ڀيٽ ۾ بي مثال عا??مي پذيرائي ملي. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته مون کي يقين ڪونهي ته بائيڊن انتظاميا ڪشمير تڪرار تي ثالثي ۾ شامل ٿيندي جهڙي طرح ڊونلڊ ٽرمپ آڇ ڪئي هئي جڏهن ته هن چيو ته ان مسئلي جي حوالي سان دنيا ۾ شعور موجود آهي، 50 سالن کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪشمير مسئلي تي ٽي ڀيرا بحث ڪيو جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو هڪ عا??مي ايشو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ??ار?? جي لاءِ هاڻي ظلم جاري رکڻ مشڪل ٿيندو ڇو ته دنيا صورتحال جو مشاهدو ڪري رهي آهي. پاڪستان ??ار?? کي ان شرط تي ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي ته هو آرٽيڪل 370 کي بحال ڪندي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال ڪري.