اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني شڪار ۽ وڻن جي واڍي جي روڪٿام لاءِ منظم قدم کنيا وڃن، ٻيلن جي بحالي لاءِ جامع پاليسي جوڙي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي. هو پنجاب صوبي ۾ ٻيلن جي تحفظ ۽ بحالي جي ح??ال?? سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ماحولياتي تبديلين بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، پنجاب جي ٻيلن واري وزير سبطين خان ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي ڇانگامانگا ۽ ٻين ٻيلن جي بحالي جي ح??ال?? سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. گذريل ڪجهه سالن ۾ ڇانگامانگا جي اڍائي هز??ر ايڪڙ زمين کي وڻن کان محروم ڪري بنجر بڻايو ويو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻ??ايو ويو ته موجوده حڪومتي دور ۾ 10 بلين ٽري سونامي مهم ۾ هڪ هز??ر ايڪڙ رقبي تي وڻڪا??ي جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، اڍائي هز??ر ايڪڙ رقبي تي سال 2023ع تائين اهو عمل مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي آلودگي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي ح??ال?? سان ٻيلا ۽ وڻڪاري اهم اهميت رکندڙ آهن ۽ ٻيلن جو تحفظ ۽ بحالي موجوده حڪومت جي ترجيحن جو حصو آهي.