اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالم سڳورن تي زور ڏنو آهي ته رمضان ا??مب??رڪ دوران ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ ايس او پيز لاڳو ڪرڻ جي لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪن، پاڻ ويڪسين لڳرائين ۽ ماڻهن کي به ان جي تر??يب ڏين، عوام کي ڪورونا وائرس جي نئين قسم جي شدت بابت آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان عالم سڳورا، ميڊيا ۽ سياسي قيادت آگاهي پيغام جاري ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن رمضان ا??مب??رڪ ۾ ڪورونا احتياطي تدبيرن بابت عالم سڳورن سان مشاورتي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.