ماسڪو – 23 جولاءِ (اي پي پي) چين چيو آهي ته روس سان گڏجي سيڙپڪاري جي سهڪار جي سطح مسلسل وڌائ?? لاءِ تيار آهي. تاس مطابق اها ڳا??هه چين جي نائب وزيراعظم ڊنگ زيو زيانگ روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ پهرين روس هم منصب (نائب وزيراعظم) ڊينس مانتوروف سان ملاقات دوران ڪئي. هن چيو ته چين مُلڪي سربراهن جي اهم اتفاق راءِ تي مڪمل عملدرآمد، ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري جي سهڪار جي سطح کي مستقل بنيادن تي وڌائ?? لاءِ روس سان سهڪار ڪر?? لاءِ تيار آهي. سندس چوڻ هو ته سياسي حمايت کي وڌائڻ ۽ فعال طور تي سيڙپڪاري جو سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.