لاهور – 03 ڊسمبر (اي پي پي) ايڊورٽائيزنگ، مارڪيٽنگ ۽ ميڊيا جي شعبن سان تعلق رکندڙ ناليوارين ملڪي ۽ پرڏيهي شخصيتن گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ۽ ڏاج ??ي وبا جي خاتمي لاءِ ٽرڪ آرٽ وسيلي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ جو خيال پيش ڪندي چيو آهي ته ايڊورٽائيزنگ ۽ ميڊيا هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، ايڊورٽائيزنگ انڊسٽري لاهن چاڙهن جي مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ بهتري طرف گامزن آهي، اميد آهي ته اها انڊسٽري ٻيهر پنهنجي بلندين تائي?? پهچندي، برانڊ کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ ايڊورٽائيزنگ جو شعبو انتهائي ا??ميت رکي ٿو ۽ اسان اشتهارن ذريعي ڪيترين ئي قدرتي آفتن کان به بچي سگهون ٿا، 31هين ايڊ ??يش??ا ڪانفرنس منعقد ڪرڻ نه رڳو ملڪي سطح پر عالمي سطح تي ا??ڊورٽائيزنگ کي مثبت انداز ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار ٽن ڏينهن واري ??يش??ن ايڊورٽائيزنگ ايڊ ??يش??ا ڪانفرنس 2019ع جي ا??تتاحي ڏينهن مختلف سيشنز ۾ ڪيو ويو، جيڪا صوبائي گادي واري شهر لاهور ۾ الحمرا هال ۾ شروع ٿي.