اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڻي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آه??، ڊيمن جي تعمير سان زرعي ضر??رتن جي لاءِ پاڻي جي دستيابي سان گڏوگڏ سستي بجلي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ديامير ڀاشا ڊيم جو تعميراتي ڪم فوري طور تي شروع ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ زرعي ۽ توانائي جي ضر??رتن کي پورو ڪر?? جي لاءِ پاڻي جي قومي تحفظ جي پاليسي ۽ ڊيمن جي تعمير بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.