اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ واري وفاقي وزي?? اسد عمر چيو آهي ته ايس او پيز جون خلاف ورزيون جاري رهيون ته ايندڙ م??يني تائين ڪورونا ڪ??سن جو انگ 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. وفاقي وزي?? اسد عمر اين سي او سي ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ان خدشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت پاران ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته جولاءِ جي آخر تائين ڪورونا وائرس ڪ??سن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته جون جي وچ تائين ڪورونا ڪ??سن جو انگ ڏيڍ لک تائين پهچي ويو آهي ۽ ماهرن موجب جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته جون جي آخر تائين 3 لک جڏهن ته جولاءِ جي آخر تائين ڪورونا ڪ??سن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي ويندو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته يقينن اها ڳالهه پريشان ڪندڙ آهي پر سٺي ڳالهه اها آهي ته اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان انتظامي قدمن جي صلاحيت رکون ٿا. هن چيو ته اڳ ۾ ئي ايس او پيز جون خلاف ورزيون ڪندڙن جي خلاف ايڪشن ورتو پيو وڃي جڏهن ته اين سي او سي هاڻي اهڙن ماڻهن جي خلاف سخت ايڪشن جو فيصلو ڪيو آهي.