گلگت – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪ??مت گلگت بلتستان جي ت??قي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي ج?? بهتري لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ديامير ڀاشا ڊيم جي ت??مير سان 16 هزار 500 نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ گلگت بلتستان ۾ زراعت جي شعبي کي فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت جي دوري دوران نگران وڏي وزير مير افضل پاران مجموعي صورتحال تي ڏني ويندڙ بريفنگ جي موقعي تي ڪيو. صدر چيو ته گلگت بلتستان جو صوبو پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، حڪ??مت علائقي جي ت??قي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. هن چيو ته گلگت بلتستان جي ت??قي لاءِ صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي ج?? بهتري لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، گلگت بلتستان جي ت??قي لاءِ ڏورانهن علائقن تائين صحت ۽ تعليم جون سهولتون پهچائڻيون پونديون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ان موقعي تي ديامير ڀاشا ڊيم تي پڻ بريفنگ ڏني وئي.