اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائر?? جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آه??. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 756 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 11 مريض اسپتالن ۾ ۽ 2 مري?? گهرن ۾ قرنطينه ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 862 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 234، پنجاب ۾ 11 هزار 601، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 337، اسلام آباد ۾ 4 هزار 832 ، بلوچستان 859 ، گلگت بلتستان ۾ 270، آزاد ڪشمير ۾ 729 ٽيسٽ شامل آه??. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 5 هز??ر 395 ٿي چڪو آه??، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آه??، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 77 مريض آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 209 آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 21 هزار 218 آه??، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 3 هزار 268، بلوچستان ۾ 15 هزار 599، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 982، اسلام آباد ۾ 17 هزار 681، خيبرپختونخوا ۾ 38 هزار 464، پنجاب ۾ هڪ لک هڪ هزار 237 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 40 هزار 997 مريض آه??، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 614 آه??.